نوابشاهه: مهراڻ هاءِ وي تي موٽر سائيڪل ۽ وين ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

news

نوابشاهه: اربع 04 ڊسمبر 2019ع:  مهراڻ هاءِ وي جي اوور هيڊ برج ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ وين ۾ ٽڪر هڪ ڄڻو فوت هڪ زخمي پي ايو يو اسپتال منتقل.

خبر موجب مهراڻ هاءِ وي جي دوڙ ريلوي اوور هيڊ برج ڀرسان تيز رفتار وين ۽ موٽر سائيڪل جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻانڌي واسي اشرف علي گوري ۽ درياهه خان مري واسي اڪرم خاصخيلي زخمي ٿي پيا.

ٻنهي زخمين کي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه آندو ويو جتي ڊاڪٽرن جي ڪوشش باوجود زخمن جا سُور نه سهندي اشرف علي گوري فوت ٿي ويو.