نوابشاهه: آصف فريال رهائي ڪاميٽي پاران اٺين ڏينهن به علامتي بک هڙتال

news

نوابشاهه: اربع 04 ڊسمبر 2019ع:آصف فريال رهائي ڪاميٽي ضلعي شهيد بينظير آباد پاران ضلعي صدر حسين ڪيريو، امان الله زرداري، پيارو خان رند، احسان خاصخيلي، محبوب بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اٺين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال جاري رکندي چيو آهي ته عمران نيازي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي بنا ثبوتن جي اسان جي قائد آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي نياڻي فريال ٽالپر کي جيل موڪيلو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته اسان جا اڳواڻ ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهن ۽ هو عمران نيازي جو مقابلو ڪندا، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.