زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مالي بحران جو شڪار، ملازمن کي پگهار نه ملي، ڪم ڇڏ هڙتال

news

ٽنڊوڄام: اربع 04 ڊسمبر 2019ع: زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مالي بحران جو شڪار، ملازمن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي پگهار ۽ پينشن نه ملي سگهي، ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال، وائيس چانسلر بلاڪ اڳيان ڌرڻو، ملازمن پوائنٽ بسون به روڪي ڇڏيون، وائيس چانسلر جي گاڏي کي به ڪراس ٿيڻ نه ڏنو، رٽائرڊ ملازمن به ڌار بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي.

خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ مالي بحران سبب ملازمن جي پگهار ۽ رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ۽ ٻيون رهتون جاري نه ڪري سگهي آهي جنهن خلاف ملازم يونين جي سڏ تي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري صدر جميل مري، جنرل سيڪريٽري مير علي گوپانگ، غلام نبي خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وائيس چانسلر بلاڪ آڏو احتجاج ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ سخت نعريبازي ڪئي.

ملازمن جو ڌرڻو مسلسل پنج ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جڏهن ته ملازمن يونيورسٽي جون پوائنٽ بسون به روڪي ڇڏيون ۽ وائيس چانسلر جي گاڏي کي به وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، پوائنٽ بسون نه هلڻ سبب سوين شاگرد، شاگردياڻيون ۽ آفيسر خانگي گاڏين ذريعي گهرن ڏانهن روانا ٿيا.

جڏهن ته وائيس چانسلر جي گاڏي کي پٺئين رستي کان گهر ڏانهن روانو ڪيو ويو. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يونيورسٽي انتظاميه پنهنجا نوازي ڪندي يونيورسٽي کي بدترين خساري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري ملازمن کي وقت تي پگهار نه ملي سگهي آهي، جنهن ڪري ملازمن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هنن چيو ته ملازمن جي گهر جو سڄو دارومدار ماهوار پگهار تي هوندو آهي جنهن جي آسري تي دوڪانن تان اوڌر تي راشن جو سامان ورتو ويندو آهي پگهار نه ملڻ سبب دوڪاندارن راشن جو سامان ڏيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ ٻارڙن جي اسڪول جي فيس پڻ جمع نه ڪرائي سگهيا آهيون، جڏهن ته ملازمن جي احتجاج بعد يونيورسٽي انتظاميا ملازم اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ملازمن کي 67 سيڪڙو پگهار جاري ڪري ڇڏي.

جڏهن ته ملازمن ڪٽوتي ٿيل پگهار کڻڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جيستائين ملازمن کي مڪمل پگهار جاري نه ڪئي ويندي تيستائين احتجاج جاري رهندو. ٻئي طرف رٽائرڊ آفيسرن، ملازمن ۽ استادن پڻ پينشن ۽ ٻيون رهيل مراعتون نه ملڻ خلاف پروفيسر ولي محمد ڀٽي، ڪرم علي پنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

ريٽائرڊ ملازمن جو چوڻ هو ته حڪومت پاران پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي ويئي هئي، جيڪا اڃا تائين نه ملي سگهي آهي، جڏهن ته 2013 کان ساڍا ست سيڪڙو وڌايل پينشن پڻ نه ڏني وڃي، جنهن خلاف هڪ هفتي کان احتجاج ڪري رهيا آهيون. پر انتظاميه جي ڪن تي جُون نه نٿي سري.

هنن گهر ڪئي ته ريٽائرڊ ملازمن جي وڌايل پينشن فورن ڏني وڃي ٻي صورت ۾ علامتي بک هڙتال جاري رهندي.

ٽنڊوڄام: زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ملازمن کي پگهار جاري نه ٿيڻ سبب ملازمن جي احتجاج بابت رابطو ڪرڻ تي يونيورسٽي جي  پبلڪ رليشن آفيسر علي اصغر ڀٽي چيو آهي ته سنڌ سرڪار طرفان ملندڙ 35 سيڪڙو گرانٽ اڃان تائين نه ملي سگهي آهي جنهن ڪري يونيورسٽي مڪمل پگهارون جاري نه ڪري سگهي آهي.

هن چيو ته ٽن کان چئن ڏينهن اندر سنڌ سرڪار جي گرانٽ ملي ويندي جنهن بعد ئي ملازمن کي رهيل پگهار جاري ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته نه فقط زرعي يونيورسٽي بلڪه ملڪ جون سڀ يونيورسٽيون مالي خساري جو شڪار آهن.

هڪ طرف وفاق طرفان اعليٰ تعليمي ڪميشن 10 سيڪڙو بجيٽ ۾ اظافو ڪرڻ بدران ڪٽوتي ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ سرڪار به 35 سيڪڙو بجيٽ جاري نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري سڀ يونيورسٽيون مالي خساري کي منهن ڏيئي رهيون آهن ۽ پنهنجو ڪاروهنوار ٻين ذريعن کان ايندڙ آمدني مان هلائي رهيون آهن.

هن چيو ته ملازمن جي ضرورتن کي ڏسندي انتظاميا فيصلو ڪري يونيورسٽي وٽ جيڪي پئسا بچيل هيا انهن مان ملازمن کي 67 سيڪڙو پگهار جاري ڪئي ويئي آهي ۽ رهيل 33 سيڪڙو پگهار سنڌ سرڪار طرفان گرانٽ ملڻ بعد ئي جاري ڪئي ويندي. 

ٽنڊوڄام: ملازمن جي اڪائونٽن ۾ وقت سر پگهار نه اچڻ تي بئنڪ کان قرض کڻندڙ ملازمن کي بئنڪ طرفان 800  کان 1000 روپين تائين جرمانو لڳائي ڇڏيو، تفصيل موجب زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ قائم حبيب بينڪ ۾ ملازمن جي اڪائونٽن ۾ وقت سر پگهار نه اچڻ تي بئنڪ کان قرض کڻندڙ ملازمن کي بئنڪ انتظاميا طرفان 800 کان 1000 روپين تائين جرمانو لڳائي ڇڏيو آهي جيڪو ملازمن جي اڪائونٽن ۾ 67 سيڪڙو پگهار جا پئسا منتقل ٿيڻ شرط ئي بئنڪ اختيارين طرفان ڪٽوتي ڪيو ويو آهي.

جنهن تي پڻ ملازم بئنڪ اختيارين خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ ملازمن جو چوڻ آهي ته پگهار مان هر مهيني قرض جي قسط ڪٽوتي ٿيندي رهندي آهي يونيورسٽي انتظاميا طرفان ئي پگهار جا پئسا دير سان جمع ڪرايا ويا آهن ته ان ۾ ملازمن جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو ملازمن کي جرمانو لڳائي پئسا ڪٽوتي ڪيا ويا آهن.