انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ فاسٽ بالر باب ولس لاڏاڻو ڪري ويو

news

لنڊن: (خميس 05 ڊسمبر 2019ع) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ فاسٽ بالر باب ولس لاڏاڻو ڪري ويو. پنهنجي زماني جي مشهوربالر جي عمر 70 سال هئي ۽ کيس ڪينسر جي بيماري هئي.

70 ساله باب ولس جڏهن 1984ع ۾ رٽائرڊ ٿيو ته سڄي دنيا ۾ ڊينس للي کان سواءِ ڪنهن جي به وڪيٽن جو انگ ان کان وڌيڪ نه هو. هن 1971ع ۾ 21 سالن جي عمر ۾ انگلينڊ جي لاءِ ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو.

90 ٽيسٽ ميچن ۾ هن 325 وڪيٽون ورتيون. ان جو آخري ٽيسٽ ميچ ويسٽ انڊيز جي خلاف 1984ع م هو. 64 ون ڊي ميچن ۾ باب ولس 80 وڪيٽون حاصل ڪيون.

انگلينڊ جي عظيم رانديگر جي لاڏاڻي تي ڪرڪيٽ جي دنيا پاران تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به باب ولس جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.