دانش تيمور ۽ حبا بخاري (ديوانگي) ڊرامي جا مُک ڪردار بڻجي ويا

news

ڪراچي: (خميس 05 ڊسمبر 2019ع) اداڪاره دانش تيمور ۽ اداڪاره حبا بخاري جي نئين ڊرامي ديوانگي جي مُک ڪردار ۾ نظر ايندا.

ميڊيا رپورٽ موجب ڊرامي جي ٻين ڪاسٽن ۾ علي عباس، زويا ناصر، محمود اسلم، ندا ممتاز، عصمت زيدي، نورالحسن، پروين اڪبر ۽ حميرا بانو شامل آهن.

ڊرامي ديوانگي جي ڪهاڻي هڪ غريب ڇوڪري جي آهي جيڪا محنت ڪري پنهنجي  زندگي ۾ ڪجهه ٿيڻ چاهي ٿي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪار دانش تيمور چيو هو ته مذڪوره ڊرامي سيريل ۾ هو مثبت ۽ منفي  ٻئي ڪردار نڀائيندو جيڪو هڪ چيلنج کان گهٽ ناهي هن اميد ظاهر ڪئي  ته منهنجا مداح هن ڪوشش کي ضرور پسند ڪندا.