اٺ ڏينهن ۾ چوويهه هزار شڪايتي فون ڪندڙ جاپاني بزرگ گرفتار

news

ٽوڪيو: (خميس 05 ڊسمبر 2019ع) جاپان ۾ هڪ ڪمپني کي هزارين شڪايتي فون ڪندڙ بزرگ شخص کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب ڪمپني کي ٽال فري نمبر تان فون ڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽ موجب ٽوڪيو ۾ 71 ساله اڪيتوشي نالي شخص هڪ ڪمپني جي لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو.  هن ڪمپني تي معاهدي جي خلاف ورزي جو الزام  هڻندي معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ان لاءِ هن 8 ڏينهن ۾ 24 هزار ڀيرا فون ڪيا. مسلسل فون کان تنگ اچي ڪمپني شڪايت ڪري ڇڏي جنهن تي پوليس اڪيتوشي کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته هن ٽول فري نمبر تان ڪمپني کي فون ڪيو جڏهن ته جاپاني ميڊيا جي رپورٽ موجب فون جو انگ 24 هزار آهي.

واضح رهي ته جاپان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو پوڙهن ماڻهن تي ٻڌل آهي جنهن سبب ملڪ ۾ معاشرتي مسئلا وڌي رهيا آهن بزرگ ماڻهو ڊرائيونگ ڪندي پنهنجي جسم تي مڪمل ڪنٽرول نه هجڻ سبب روڊ حادثن جو شڪار ٿيندا آهن جنهن سان ان جي زندگين سان ٻين جي زندگين کي به خطرو هوندو آهي.

جاپاني ريلوي آپريٽر به بزرگ ماڻهن طرفان وڌندڙ تشدد جون ڪيتريون ئي شڪايتون داخل ڪرايون آهن.