ميرواهه گورچاڻي جي ڳوٺ ڀڳت جو رهواسي نوجوان بازياب نه ٿيو، اغوا ڪرائيندڙ عورت ۽ ڪار مالڪ گرفتار

news

ميرپورخاص: خميس 05 ڊسمبر 2019ع: ميرواھ گورچاڻي جي ڀڳت ڳوٺ جو رهواسي نوجوان زميندار مهتاب نونداڻي کي اغوا ٿئي  10 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس کيس  بازياب ناهي ڪرائي سگهي.

جڏھن ته پوليس ڪراچي ۾ ڪاروائي ڪري اغوا واقعي ۾ ملوث ڪاري رنگ جي ڪرولا ڪار نمبر ASM.....230 هٿ ڪري ڪار مالڪ اشھر عباس کي گرفتار ڪيو آھي.

جڏھن ته دوستي رکي مهتاب نونداڻي کي اغوا ڪرائيندڙ عورت عظما  کي به پوليس  گرفتار ڪيو  آھي , جن کان پوليس جي جانچ هلندڙ آھي , پوليس جي  ذريعن مطابق پوليس ٽيمون جوڙي ڇڏيون آھن جيڪي جلد نوجوان کي بازياب ڪرائي وٺنديون.

جڏھن ته مغوي نوجوان جي ڀاءُ زاهد نونداڻي ٻڌايو ته اسانکي اغوا ڪندڙن جو  فون آيو هو جنهن ۾ ٻ ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو , جنهن بعد ڪابه فون نه آئي آھي.

جڏھن ته پوليس پاران  گرفتار ڪيل عورتن ۽ مردن سميت 10 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آھي.