پي ٽي آءِ حڪومت بغير ڪنهن ويزن ۽ منصوبابندي جي ميٽرو منصوبو شروع ڪيو: پشاور هاءِ ڪورٽ

news

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ بي آر ٽي متعلق تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ وفاقي تحقيقاتي ايجنسي (ايف آءِ اي) کي 45 ڏينهن جي اندر انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

فيصلي موجب پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت ڪنهن ويزن ۽ منصوبابندي جي بغير ئي منصوبو شروع ڪيو. عدالت بي آر ٽي متعلق ايف آءِ اي کي 45 ڏينهن ۾ انڪوائري ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت موجب منصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو، جڏهن ته سياسي اعلانن سبب منصوبو ڪيترن ئي خرابين جو باعث بڻيو، دير جو شڪار ٿيو ۽ لاڳت به وڌي. منصوبي جي پي سي ون ۾ غير لاڳاپيل اسٽاف جي لاءِ به پُرڪشش پگهارون رکيون ويون.

عدالت موجب بي آر ٽي جي في ڪلوميٽر لاڳت 2 ارب 42 ڪروڙ 70 لک رپيا آهي، جيڪا گهڻي آهي. ڪمزور معيشت وارو صوبو ان جو متحمل نه هو. ڳرين پگهارن تي ڪنسلٽنٽ رکيا ويا، جنهن سان حڪومتي پئسا ضايع ٿيا.

عدالت موجب ڪنسلٽنٽ بس تي سوار ٿيندڙ مسافرن جو ڪاٿو 3 لک 40 هزار لڳايو، جيڪو لاهور ۾ سوار ٿيندڙ مسافرن کان به وڌيڪ آهي، پنجاب جي ميٽرو بس ۾ 65 بسون شامل آهن، جڏهن ته پشاور جي لاءِ 219 بسون استعمال ڪيون وڃڻيون آهن. 155 بسون فيڊر روٽس تي هلنديون، جن کي خانگي ٽرانسپورٽرز هلائيندا، عوام جي پئسن تي هلندڙ بسون خانگي ٽرانسپورٽرن کي ڇو ڏنيون پيون وڃن.؟

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته آءِ ٽي ايس جي تنصيب جو ڪم زبردستي موجوده حڪومت جي اهم ماڻهو کي ڏنو ويو، ڇا منصوبي جي لاءِ ايتري وڏو قرض کڻڻ جي ضرورت هئي؟ ان قرض مان صوبي جي معاشي خوشحالي به ممڪن هئي ۽ ڪير مناسب فزيبلٽي جي بغير منصوبي جي منظوري تي زور وجهي رهيو هو؟ پي ٽي آءِ حڪومت منصوبي کي فيس سيونگ جي لاءِ شروع ڪيو.

عدالت موجب ٽرانسپورٽ کاتي ۾ بي آر ٽي سيل قائم هو، جڏهن ته منصوبو پي ڊي اي کي ڏنو ويو، پرويز خٽڪ، اڳوڻو ٽرانسپورٽ جو وزير، ٻه اڳوڻا ڊي جي پي ڊي اي، اعظم خان ۽ ڪمشنر پشاور جي وچ ۾ ڪهڙو تعلق هو؟ پنهنجو حصو وٺڻ جي لاءِ انهن جو ڪهڙي طرح تعلق بڻيو؟ مقبول ڪالسنز پنجاب ۾ بليڪ لسٽ هئي، ان باوجود ان کي بي آر ٽي جو ٺيڪو ڇو ڏنو ويو؟

عدالت سوال اٿاريا ته ٺيڪيدار ٽرانسپورٽ جي سيڪريٽري، ڊي جي پي ڊي اي ۽ ڪمشنر پشاور کي مهانگيون گاڏيون ڏنيون، نامناسب منصوبابندي جي باوجود ميڪڊونلڊز کي 2 ڪروڙ رپيا ڇو جاري ڪيا ويا؟ چمڪني ۽ حيات آباد جي ويجهو بيٺل بسن کي موسمياتي اثرن کان ڇو نه بچايو پيو وڃي؟ ٽرانس پشاور جي سي اي او دراني کي عهدي تان ڇو هٽايو ويو؟