سڪرنڊ: موٽر وي پوليس ۾ اسسٽنٽ پيٽرولنگ آفيسر مان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي ڦول لڳائڻ جي تقريب منعقد

news

سڪرنڊ: خميس 05 ڊسمبر 2019ع: ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل سنڌ موٽر وي پوليس ڊاڪٽر مسرور عالم ڪولائچي چيو آهي ته ايڪهين صديءَ ۾ ٽريفڪ اسان جي زندگيءَ لاءِ لازمي جُز بنجي چڪي آهي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان واسطو پوي ٿو ان ڪري اسان کي ٽريفڪ جي قانون جي پڻ ڄاڻ ضرور هئڻ گهرجي ھُو سيڪٽر ڪمانڊر آفيس سڪرنڊ ۾ موٽر وي پوليس ۾ اسسٽنٽ پيٽرولنگ آفيسر مان ترقي ماڻي پيٽرولنگ آفيسر ٿيڻ تي 7 آفيسرن کي ڦول لڳائڻ جي  تقريب ۾ ڳالهائي رهيو هو.

هن چيو ته موٽر وي پوليس 1997 ۾ قائم ٿي جنهن کان پوءِ ٽريفڪ قانون جي آگاهيءَ جو ڪم شروع ٿيو هن چيو ته موٽر وي پوليس پهرين ڏينهن کان وٺي ڪرپشن کان پاڪ ادارو رهيو آهي هن اداري 2002 کان 2019 تائين بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي جنهن ۾ پوليس اهلڪارن جو اهم ڪردار آهي اهوئي سبب آهي جو انڊس هاءِ وي پڻ اسان کي ڏنو ويو آهي.

جنهن تي تيزيءَ سان ڪم هلي رهيو آهي جڏھن ته موٽر وي پوليس ۾ نيون ڀرتيون پڻ شروع ڪيون ويون آهن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ موٽر وي پوليس ٻئي ملڪي اثاثو آهن جيڪي شروع کان وٺي عوام جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيا آهن مان سيڪٽر ڪمانڊر سڪرنڊ سجاد حسين ڀٽي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ هن تقريب جي موقعي تي کيس ۽ سندس جوانن کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ اميد ته هُو ساڳي ايمانداري سان پنهنجو فرض نڀائيندا.

هوڏانهن جن آفيسرن ترقيون ماڻيون انهن ۾ بشارت الله . محمد اسلم . عبدالخالق . سجاد حسين. محمد علي. منظور احمد ۽ عزيز احمد ڪورائي شامل آهن ان موقعي تي سيڪٽر ڪمانڊر سجاد حسين ڀٽي پاران آيل مهمانن کي آجياڻو ڏيڻ بعد ڊي آئي جي ڊاڪٽر مسرور عالم ڪولاچي ۽ پاڪستان نيوي جي ڪمانڊنٽ آفيسر جيڪو اعزازي مهمان طور تقريب ۾ شريڪ هو کين اعزازي شيلڊون پيش ڪيون ۽ کين سنڌ ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو ويو.