قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪا اهميت ناهي رهي: احسن اقبال

news

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ آهي ته حڪومت پنهنجي نااهلي سبب پارليامينٽ کي غير فعال ۽ بي توقير ڪري ڇڏيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪا اهميت ناهي رهي. اسپيڪر پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ٿو پر حڪومت ميمبرن کي اسيمبلي ۾ نٿي آڻي.

پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان حڪومت جي ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏينداسين. ميمبرن جو حق آهي ته انهن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن. اسپيڪر ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ٿو پر انهن کي اسيمبلي ۾ نٿو آندو وڃي. حڪومت پارليامينٽ کي غيرفعال ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته نام نهاد احتساب سيل پريس ڪانفرنس ڪري اپوزيشن ليڊر تي الزام لڳايا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف جي ضمانت خلاف درخواست واپس ورتي وئي ڇو ته انهن وٽ ڪي به ثبوت نه هئا.

احسن اقبال چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي غير فعال ٿيڻ جي ذميوار آهي. پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس کان بچڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي غيرفعال ڪيو آهي.

ان موقعي تي (ن) ليگ جي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جون سڀئي سازشون بي نقاب ٿي ويون آهن، نيب نيازي ڳٺ جوڙ سامهون اچي ويو آهي.