اسلام ڪوٽ رورل هيلٿ سينٽر ۾ آپريشن ٿيٽر جي افتتاحي تقريب، يو ايس ڪائونسليٽ جنرل ڪراچي، رابرٽ سربسٽين پهتو

news

اسلام ڪوٽ (پ ر) هيلٿ سيڪٽر سميت مختلف سماجي شعبن جا سرگرم ڪارڪن ڪنهن به ملڪ جا محب وطن شهري هوندا آهن . انهن خيالن جو اظهار يو ايس ڪائونسليٽ جنرل ڪراچي، رابرٽ سربسٽين  اسلام ڪوٽ رورل هيلٿ سينٽر ۾ آپريشن ٿيٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته اسلام ڪوٽ ۾ آمريڪي ۽ پاڪستاني ٻنهي قومن جي ماڻهن جو ڀرپور سهڪاري ڪم ڏسڻ وٽان آهي.

آئون اميد ٿو ڪريان ته ٿرپارڪر اڃان به گهڻو وڌندو ويجهندو، ترقي ڪندو ۽ ڪاميابيون ماڻيندو. رابرٽ سربسٽين اڳتي چيو ته آمريڪي عوام پاران هن آپريشن ٿيٽر جي تحفي سميت آئنده به خيرسگالي جو سلسلو جاري رهندو. ان موقعي تي ٿرپارڪر مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر قاسم سراج سومرو ڪائونسليٽ جنرل جا ٿرواسين لاءِ  مثبت ڪاوشن جا ٿورا مڃيا.

افتتاحي تقريب ۾ آءِ ايڇ ايس جي صوبائي هيلٿ ڪوآرڊينيٽرڪاشف علي رضا انڙ ڳالهائيندي چيو ته يو ايس ايڊ جو سنڌ جي صحت شعبي لاءِ واڌاري ۽ سڌاري جو هي سلسلو ڊگهي عرصي کان جاري آهي.

هن چيو ته هن وقت ٽيهن کان به وڌيڪ آءِ ايڇ ايس جي انتظام هيٺ هلندڙ سرڪاري رورل هيلٿ سينٽرن ۾ مختلف پراجيڪيٽ ۾ سندن تعاون حاصل آهي.

تقريب ۾ ان کان علاوه ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو،  ڪمليش ڪمار، ڊاڪٽر شنڪر وانڪاڻي، ڪيپٽن صوبدار شاهين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کان پهريائين ڪائونسليٽ جنرل رابرٽ سربسٽين اسپتال ۾ ٽيلي ميڊيسن سروس رنگ اي ڊاڪٽر جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ اسپتال جي مختلف شعبن جو تفصيلي دورو ڪيو.