ڀارت ۾ تاريخي بابري مسجد جي شهادت کي ستاويهه سال مڪمل ٿي ويا

news

نئين دهلي: (جمعو 06 ڊسمبر 2019ع)ڀارت ۾ تاريخي بابري مسجد جي شهادت کي 27 سال مڪمل ٿي ويا. 1992ع ۾ اڄوڪي ڏينهن تي انتها پسند هندن سموريون قانوني، سماجي ۽ اخلاقي حدون اورانگهيندي تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.

6 ڊسمبر 1992ع تي هندو انتهاپسند تنظيم وشوا هندو پريشد خطرناڪ راند کيڏندي ڏيڍ لک کان وڌيڪ جنونين بابري مسجد تي حملو ڪيو ۽ سڀني جي سامهون مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو. پوليس ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا تماشو ڏسندا رهيا. مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيندا رهيا.  جنهن کان پوءِ ڀارت ۾ جهيڙا شروع ٿي ويا جن ۾ تقريبن 3 هزار ڄڻا مارجي ويا.

هندو بابري مسجد  جي جڳهه کي رام جي  ڄمڻ واري جڳهه چون ٿا جڏهن ته پاڻ ڀارت جو آثار قديمه کاتو ان حوالي سان اڄ تائين ڪوبه آثار ناهي ڳولي سگهيو.

ڀارتي سپريم ڪورٽ هلندڙ سال يعني تقريبن 27 سالن کان پوءِ ان ڪيس جو تڪراري فيصلو ٻڌايو ۽ بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر تعمير ڪرڻ ۽ مسلمانن کي متبادل ايراضي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.