محبت ڪرڻ ڏکيو آهي، مون کي اڄ تائين ڪنهن سان به محبت ناهي ٿي: نيلم منير

news

ڪراچي: (جمعو 06 ڊسمبر 2019ع) پاڪستاني اداڪاره نيلم منير چيو آهي ته منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکان جڏهن ته مان ڪنهن جي به معاملي ۾ مداخلت ناهيان ڪندي.

رپورٽ موجب پاڪستان جي مشهور اداڪاره نيلم منير هڪ انٽرويو دوران چيو آهي ته انڊسٽري سان تعلق کان پوءِ زندگي ۾ ڪافي ڪجهه بدلجي ويو. ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ هاڻ ڪافي ذميوار به ٿي وئي آهيان. منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته سمورو ڌيان ڪم تي ڏيان.

ڪير منهنجي باري ۾ ڇا ٿو سوچي ۽ ان جي راءِ ڇا آهي ان تي مان ڪڏهن به ناهي سوچيو. منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکان جڏهن ته مان ڪنهن جي به معاملي ۾ مداخلت ناهيان ڪندي.

اداڪاره کان پڇيو ويو ته ايتري ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ هاڻ اوهان ڇا ٿيون ڪرڻ چاهيو.؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته مان منصوبه بندي ڪري ناهيان هلندي. جيڪڏهن اڳيان وڃي مون کي شوبز جي دنيا کي ڇڏڻو پيو ته ڇڏي ڏيندس.

اداڪاره وڌيڪ چيو ته مون کي ڪاميڊي فلمون  پسند آهن. اداڪاره چيو ته جڏهن 9 ڪلاس ۾ هئس تڏهن پهريون ڪمرشل ڪيو هو. اڄ به پنهنجي ماءُ جيان ٿيڻ چاهيان ٿي هو منهنجي آئيڊيل آهي. منهنجي ماءُ اسان جي پرورش بهترين انداز ۾ ڪئي. اسان کي ڪڏهن به احساس نه ٿيڻ ڏنو ته اسان جو پيءُ گذاري ويو آهي.

اداڪاره کان محبت ۽ شادي بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته محبت تمام گهڻي مشڪل آهي جيڪا مون کي اڄ تائين ناهي ٿي. جيڪو مون سان محبت ڪندو ان کي منهنجي دل تائين وڃڻو پوندو جيڪو مشڪل ڪم آهي. مان پنهنجا سمورا معاملا الله تي ڇڏيندي آهيان جيڪو ٿيندو آهي بهتر ٿيندو آهي. زندگي جو هر سڪون مون وٽ آهي. ڪاوڙ گهٽ ايندي آهي جڏهن ته مان ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳيان هوندي آهيان ته جيئن ماڻهو مون مان وڌيڪ اميد رکن.

مون کي الله اتي پهچايو جتي جو مون سوچيو به نه هو. مون وٽ سڀ ڪجهه آهي. واضح رهي ته ڊرامي(قيد تنهائي) کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ خوبصورت اداڪاره نيلم منير 30 ڊرامن ۽ 5 ٽيلي فلمن ۾ اداڪاري ڪري چڪي آهي.