مصباح کي ٽي عهدا ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، سرفراز کي ٽيم مان ڪڍي زيادتي ڪئي وئي: جاويد ميانداد

news

ڪراچي: (جمعو 06 ڊسمبر 2019ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ بيٽسمين جاويد ميانداد وزيراعظم عمران خان کي چيو آهي ته  اوهان پاڻ ڏسي وٺو ته ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪهڙو حشر ٿي ويو آهي.

جاويد ميانداد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پروفيشنلزم جي کوٽ آهي جيڪا ڊپارٽمينٽ ڪرڪيٽ سان ايندي آهي. قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي حوالي سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته هو هڪ بهترين وڪيٽ ڪيپر آهي ۽ ان جي ٽيم ۾ جڳهه ٺهي ٿي. سرفراز کي ڪپتاني تان هٽائڻ بابت ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته سرفراز کي ڪپتاني تان هٽائڻ بورڊ جو فيصلو آهي پر کيس ٽيم مان ڪڍي زيادتي ڪئي وئي.

جاويد ميانداد  وڌيڪ چيو ته وڪيٽ ڪيپر هميشه پنهنجي خراب وڪيٽ ڪيپنگ جي ڪري ٻآهر ٿيندو آهي. اڳوڻي ڪپتان آسٽريليا ۾ شڪست جي حوالي سان چيو ته آسٽريليا ۾ شڪست جو ذميوار ڪپتان اظهر علي کي چوڻ صحيح فيصلو ناهي. ٽيم جڏهن 70 جي اسڪور تي آئوٽ ٿي وڃي ته ڪپتان ڇا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ٽيم وڏو اسڪور ڪندي آهي ته ان وقت ڪپتان جي پلاننگ ڏٺي ويندي آهي.

جاويد ميانداد مصباح الحق جي عهدي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته مصباح الحق کي 3 عهدا ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. مختلف ماڻهن کي عهدا ڏيڻ سان سٺا فيصلا سامهون ايندا آهن.