جهاز جي ماني هاڻ اوهان کي هوٽل تي به ملي سگهندي

news

لاهور: (جمعو 06 ڊسمبر 2019ع) جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهو ان ڳالهه کان ته واقف ئي هوندا ته عام طور تي جهاز ۾ ڏنل ماني ايتري مزيدار ناهي هوندي پر دنيا ۾ هڪ اهڙي ايئر لائين به آهي جنهن جو اهو چوڻ آهي ته انهن جي ماني صارفين کي ايتري پسند آهي جو هو هاڻ ان کي هوٽل ۾ به کائڻ چاهين ٿا.

ايئر ايشيا جيڪا ايشيا جي سڀني کان وڌيڪ مهانگي فلائيٽ مڃي ويندي آهي ان جي اها دعويٰ آهي ته صارفين کي ان جي ايئر لائين جي دوران ڏنل ماني تمام گهڻي وڻندي آهي ۽ هو ان ماني جي هوٽل ۾ به قيمت ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.

صارفين جي پسند کي نظر ۾ رکندي ايئر ايشيا طرفان اعلان ڪيو ويو ته هو ايندڙ 5 سالن ۾ دنيا ۾ اهڙا هوٽل کوليندا جنهن جو مينيو ايئر ايشيا جي فلائٽ ۾ ڏنل کاڌن تي ٻڌل هوندو.

ايئر ايشيا طرفان هوٽل جي مينيو ۾ فلائٽ جا مشهور کاڌا پيش ڪيا ويندا. ياد رهي ته ايئر ايشيا هينئر تائين دنيا جي اها واحد ايئر لائين آهي جيڪا جهاز ۾ ڏنل کاڌو  هوٽل جي ذريعي به ڏئي رهي آهي.