راڄوخاناڻي ۽ تلھار ۾ نيب ٽيم جا ڇاپا، جوابدار گم، ٽيم بيان قلمبند ڪرڻ کان پوءِ واپس رواني

news

راڄوخاناڻي:(رپورٽ: جنيد مير) راڄوخاناڻي ۽ تلھار ۾ نيب ٽيم جا ڇاڀا ـ جوابدار گم ـ نيب ٽيم بيان قلمبند ڪري واپس ڪراچي رواني ٿي وئي.

ٽائون ڪميٽي تلھار ۾ سال 2010 ۾ ٿيل 11 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار۔  ٺيڪيدار ابراھيم ملاح جي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  پاران رد ٿيل ضمانت ۾ سندس گرفتاري لاء تلھار ۾ سندس رھائش گاھ تي نيب ٽيم پاران ڇاپو ھنيو ويو ڇاپي دوران نيب جي ٽيم سميت ليڊي اھلڪار ۽ تلھار پوليس شامل ھئي جن گھر اندر داخل ٿي ھڪ ڪلاڪ تائين جانچ ڪئي جڏھن ته ڪا به رڪوري نه  ٿي سگھي ان کان پوء نيب ٽيم پاڙي وارن جا لکت ۾ بيان قلمبند ڪري راڄوخاناڻي ڏانهن رواني ٿي وئي.

واضح رھي ته مذڪورھ ريفرنس ۾ ٽوٽل 9 جوابدار شامل آھن جن مان ھڪ جوابدار رانجھو وفات ڪري ويو جڏھن ته ٻه جوابدار حسن سومرو ۽ فاروق جمالي گرفتار ٿيل آھي .

ٻئي طرف راڄوخاناڻي ۾ نيب اھلڪارن جو ٺيڪيدار راجا آشڪرڻ جي گھر تي ڇاپو , ملوث جوابدار نه ملي سگھيو اھلڪارن اتي موجود سندس ڀائرن کان بيان ورتا.

ان بعد نيب ٽيم مير عمران ۽ مير ريحان جي گرفتاري لا۽ به سندن رھائش گاھ تي وئي جتي پڻ موجود ملازمن کان بيان وٺي واپس رواني ٿي وئي , ٽئي جوابدار تلھار ٽي ايم اي ڪرپشن ڪيس ۾ ھاءِ ڪورٽ مان ضمانتون رد ٿيڻ بعد روپوش آھن ۽ نيب انھن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻي رھي آھي.