ڄام نواز علي ويجهو جهنگ مان نامعلوم نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

news

ڄام نوازعلي: جمعو 06 ڊسمبر 2019ع: ٻيراڻي ڀرسان ديهه ڀاڏر جي ميرانموري واري علائقي ٻيراڻي روڊ تي  جهنگ مان نامعلوم نوجوان جو تشدد ٿيل جو لاش مليو آهي علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي ڄام نوازعلي رورل هيلٿ سينٽر اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

  پوليس موجب   نامعلوم  نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي نيري رنگ جا ڪپڙا پهريل آهن رت وهي رهيو هو ظاهري طور جسم  ۽ ڳلي تي تشدد نشان موجود آهن لاش تازو لڳي ٿو.

خدشو آهي ته کيس قتل ڪري اڇلايو ويو آهي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون جڏهن  ته مقتول جي ڪابه سڃاڻپ ٿي آهي نه  ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي  جڏهن ته مقتول جو لاش اسپتال پيل آهي.