صوبائي حڪومت جي متبادل طور ڪنهن کي به برداشت نه ڪيو ويندو: سعيد غني

news

ڪراچي: سنڌ جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي متبادل طور ڪنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

صوبائي وزير سعيد غني سنڌ مدرسته الاسلام پهتو ۽ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي سال 2019-20ع جي عهديدان کان حلف ورتو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ اسان اڃا تائين پوليو ختم ناهيون ڪري سگهيا. آچ پوليو متعلق ۽ پبلڪ سيفٽي پروجيڪٽ تي اجلاس هو پر وزيراعظم چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي سياسي ميٽنگ جي لاءِ اسلام آباد گهرائي ورتو.

سعيد غني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شاگرد يونين سياستدان پيدا ڪرڻ جي صنعت هوندي آهي ۽ ان صنعت کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سعيد غني وڌيڪ چيو ته پشاور بي آر ٽي منصوبي ۾ ڪرپشن ٿي آهي. منصفاڻي جاچ ڪئي وڃي ته ڪيترائي چهرا بي نقاب ٿي ويندا.