زراعت کاتي جو صوبائي وزير اسماعيل راهو حيدرآباد پهتو، ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه

news

حيدرآباد (رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) جمعو 06 ڊسمبر 2019ع: زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ ۾ ماڪڙ جي خاتمي جي لاءِ سنڌ حڪومت 35 ڪروڙ روپيه جاري ڪيا آهن ۽ اميد آهي ته 10 کان 15 ڏينهن جي اندر ماڪڙ جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو.

جڏهن ته ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به ٻن ٽن ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو- اهڙن خيالن جو اظهار هُن ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن سنڌ حيدرآباد جي آفيس ۾ ڪميٽي روم ۾ گهرايل پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ڪيو.

ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته هينئر تائين ماڪڙ جي حملي سان سنڌ ۾ 101613 ايڪڙ زرعي ايراضي متاثر ٿي آهي جنهن ۾ 44 هزار 404  ايڪڙ زرعي ايراضي تي گرائونڊ اسپري ڪيو ويو آهي ريگستاني علائقن ۾ اسپري آپريشن جاري آهي.

هن چيو ته 18 ترميم شايد وفاق کان هضم نه ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري پ پ پ جي قيادت ۽ حڪومت کي سزا ملي رهي آهي جڏهن ته 18 ترميم کانپوءِ زراعت سان لاڳاپيل ڪافي معاملا زراعت کاتي جي حوالي ٿيڻ گهرجن مگر بدقسمتي سان هتي ايئن نه ٿي رهيو آهي ان جي ڪري زراعت کاتي کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن تنهن جي باوجود سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن مطابق آبادگارن کي رليف ڏيڻ جا اپاءُ وٺي رهي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته سنڌ صوبي ۾ 29 مئي کان ايران کان افغانستان، افغانستان کان بلوچستان ۽ انڊيا کان جيئن ئي ماڪڙ جو حملو ٿيو ته وفاقي حڪومت کي فضائي اسپري جي لاءِ چيو ويو مگر وفاق پاران ڪو به ردعمل نه ڏنو ويو.

جڏهن ته وفاقي حڪومت جي پلانٽ پروٽيڪشن جي اداري سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته انهن فنڊز جي گهٽتائي جو ٻڌايو ۽ انهن وٽ فضائي اسپري جا صرف 20 جهاز آهن جن مان 17 خراب آهن ۽ 3 فنڪشنل آهن.