جميعت طلبه اسلام(ف) حيدرآباد ڊويزن پاران اعلانيل شاگرد مارچ ڪيو ويو

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) جمعو 06 ڊسمبر 2019ع: جميعت طلبه اسلام(ف) حيدرآباد ڊويزن پاران اعلانيل شاگرد مارچ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڪيو ويو.

مارچ ۾ شامل شاگردن سبز هي هي پاڪستان سبز هي جا نعره هنيا. مارچ کي جي يو آئي اڳواڻن مولانا تاج محمد ناهيو، اعظم جهانگيري، شاگرد اڳواڻن فيصل سومرو، مخدوم مخدوم عبدالڪريم صديقي، ارواهه صديقي ۽ ٻين ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ شاگرد يونين جي بحالي، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ وڏي فيسن ۽ طلبه حقوق جي آڙ ۾ مغربي ايجنڊا جي فروغ افسوس ناڪ عمل آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.

هنن چيوته پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ٿيو ۽ ان جو دفاع به اسلام کي مڃيندڙ ڪندا. هنن چيوته هڪ سازش تحت پاڪستان مٿان مغربي سوچ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي جنهن کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو.

هنن چيوته شاگرد يونين جي بحالي سان تعليمي ادارن ۾ شاگردن جا مسئلا حل ٿيڻ ۾ مدد ملندي.