برطانوي ڪرائيم ايجنسي اٺاويهه ارب رپيا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏيا

news

لنڊن: برطانوي اختيارين لڳ ڀڳ 28 ارب رپيا پاڪستان کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته رقم اڄ سپريم ڪورٽ جي نيشنل بئنڪ ۾ موجود اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب رقم برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي ۽ پاڪستاني شهري جي وچ ۾ معاهدي جي نتيجي ۾ منتقل ٿي آهي.

برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي جي ترجمان هڪ نجي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي سان معاهدي جي نتيجي ۾ رقم پاڪستان کي منتقل ڪئي وئي آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪهڙي اڪائونٽ ۾ ڪيتري رقم منتقل ڪئي آهي، ان باري ۾ ڪجهه نه ٻڌائي سگهنداسين.