ڌمڪيون ملي رهيون آهن؛ افشان لطيف چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي خط لکي ڇڏيو

news

لاهور: ڪاشانا ويلفيئر هومز جي اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ افشان لطيف چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي تحفظ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن پنجاب جي سوشل ويلفيئر کاتي جي  عورت آفيسر افشان لطيف جا هوش اڏائيندڙ انڪشاف سامهون آيا هئا، جنهن ۾ هن هڪ صوبائي وزير ۽ پنهنجي ئي هڪ اعليٰ آفيسر جي خلاف الزام لڳايا هئا.

افشان لطيف جي الزامن کانپوءِ بيت المال پنجاب جي چيئرمين ملڪ اعظم اپوزيشن جماعت مسلم ليگ (ن) جو ڊرامو قرار ڏنو هو، جڏهن ته اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ انهن الزام جي ترديد ڪئي هئي.

جڏهن ته هاڻ عورت آفيسر پنهنجي تحفظ جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي خط لکيو آهي.

خط ۾ هن لکيو آهي ته يتيم ٻارڙين سان ٿيندڙ سلوڪ سامهون آڻڻ تي ان کي سزا ڏني پئي وڃي ۽ مون تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته سڀ الزام واپس وٺان. هن وڌيڪ لکيو آهي ته منهنجي خاندان ۽ مون کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، تنهن ڪري منهنجي خاندان ۽ مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاشانا لاهور جي اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ افشان لطيف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو ۽ پنهنجي درخواست ۾ معاملي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي درخواست ڪئي هئي. عدالت ڊي سي ۽ ڊائريڪٽر بيت المال کي 12 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.