مورو ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي (ش ڀ) پاران دعا منگي جي بازيابي لاءِ احتجاج

news

مورو: جمعو 06 ڊسمبر 2019ع: پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو سٽي مورو پاران هڪ هفتي کان اغوا ڪيل نياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ پ پ شھيد ڀٽو مور جي تعلقه جنرل سيڪريٽري محمد صالح چانڊيو، سٽي صدر مير وسيم عالماڻي، صدام کوکر، بلاول ڪلھوڙو، عارف دل، علي مراد سولنگي، سڪندر چانڊيو، راجو عالماڻي، سڪندر ٻگھيو،  ظفر سومرو، صفيع الله ڪلھوڙو، اياز ڀٽي، علي شير عالماڻي، بشير ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مورو پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويو.

مظاھري کي خطاب ڪندي اڳوڻن چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادار عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طرح سان ناڪام ويا آھن.

سنڌ جي نياڻين کي گھرن اڳيان رستي تان اغوا ڪيو ٿو وڃي پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ بہ نٿي چري، دعا منگي جي هفتي کي مغوي رهڻ انتهائي شرمناڪ آھي، اربين روپين جي بجيٽ هئڻ، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادرن وٽ تمام وڏي ٽيڪنالوجي هئڻ باوجود نياڻي کي بازياب نہ ڪرائڻ ادارن جي ڪاڪردگي تي سواليه نشان آھي.

جيڪڏھن ائين نياڻين کي اغوا ڪيو ويندو رهيو تہ سنڌ ۾ نياڻين ۽ عورتن جي تعليم تباھ ٿي ويندي ۽ يونيورسٽيز، ڪاليج ۽ اسڪول ويران ٿي ويندا، اسان چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون تہ نياڻي دعا منگي کي بازياب ڪرائي سنڌ جي عوام مان بي چيني ختم ڪئي وڃي نہ تہ ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.