انڊر نائنٽين ورلڊ ڪپ جي لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان، روحيل نذير ڪپتان برقرار

news

لاهور: فاسٽ بالر نسيم شاهه ورلڊ ڪپ کيڏڻ جي لاءِ تيار، آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ شامل، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين روحيل نذير ٽيم جي قيادت ڪندو.

انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جنوري ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ کيڏيو ويندو. آءِ سي سي انڊر ورلڊ ڪپ جي لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان ڪيو ويو.

روحيل نذير ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته فاسٽ بالر نسيم شاهه به ٽيم جو حصو آهي. انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ايندڙ مهيني ڏکڻ آفريقا ۾ کيڏيو ويندو.

ورلڊ ڪپ جي لاءِ جونيئر سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه سليم جعفر 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. سليم جعفر چيو ته محمد شهزاد کي انڊر 16 مان کنيو آهي هو مستقبل جو آل رائونڊر آهي.

اميد آهي ته هن ٽيم ۾ سٺا رانديگر ملندا. انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ اعجاز احمد هيڊ ڪوچ ۽ مئنيجر جڏهن ته رائو افتخار انجم بولنگ ڪوچ جي ذميواري نڀائيندو.

ايونٽ 17 جنوري کان 9 فيبروري تائين ڏکڻ آفريقا ۾ کيڏيو ويندو. قومي انڊر 19 ٽيم ايونٽ ۾ پنهنجو پهريون ميچ 19 جنوري تي کيڏيو ويندو.