آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس: خورشيد شاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پنج ڏينهن جي واڌ

news

سکر: (ڇنڇر 07 ڊسمبر 2019ع) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾ وڌيڪ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. 

سکر جي احتساب عدالت ۾ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس تي ٻڌڻي ٿي. نيب پراسيڪيوٽر طرفان خورشيد شاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪئي وئي.

خورشيد شاهه جي وڪيل طرفان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته خورشيد شاهه کي 82 ڏينهن ٿي ويا نيب هينئر تائي شاهديون پيش ناهي ڪري سگهيو.

خورشيد شاهه تي ڪوبه ڪيس نٿو ٺهي پر اسان  ضمانت واري درخواست داخل ناهيون ڪري رهيا ته جيئن نيب  جاچ مڪمل ڪري وٺي.

ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ احتساب عدالت خورشيد شاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾  5 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس 12 ڊسمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.