سياري جي موسم ۾ وارن جا مسئلا ۽ ان جو حل

news

لاهور: (ڇنڇر 07 ڊسمبر 2019ع) اسان سڀني کي سياري جي موسم جو تمام گهڻو انتظار هوندو آهي ان موسم جي سوغات مان سڀ مزو وٺندا آهيون پر هي موسم پاڻ سان گڏ ڪجهه مسئلا به آڻيندي  آهي.

سياري جي موسم ۾ چمڙي سان گڏوگڏ وارن جا به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. اڄ اسان اوهان کي سياري جي موسم ۾ وارن جا مسئلا ۽ ان جي حل جي باري ۾ ٻڌائينداسين. سيارو شروع ٿيندي ئي ٻن منهن واري وارن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اوهان کي به ان مسئلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته ان جو صرف هڪ ئي حل آهي ته وارن کي هڪ يا اڌ انچ ڪٽڻ سان ٻن منهن وارا وار ختم ٿي ويندا آهن.

سياري جي موسم ۾ چمڙي خشڪ ٿيڻ سان گڏ مٿي جي  چمڙي يعني (اسڪيلپ) به خشڪ ٿي ويندي آهي جنهن سبب وارن ۾ خشڪي ٿي ويندي آهي. ان مسئلي جي حل لاءِ  نم ۽ کوپري جي تيل کي ملائي لڳايو وڃي. ائين ڪرڻ سان وارن جي چمڙي مان خشڪي ختم ٿي ويندي آهي ۽ مٿي ۾ ٿيندڙ خارش جو به خاتمو ٿي ويندو آهي. سياري ۾ اسان سڀني جا وار اڻڀا خشڪ ۽ بيجان نظر ايندا آهن. ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بيدي ۾ 2 چمچا زيتون جو تيل سٺي طريقي سان ملائي مٿي ۾ هڻو ۽ ان کي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڌوئي ڇڏيو ائين ڪرڻ سان وار نرم ۽ چمڪدار ٿي ويندا.

سياري جي موسم ۾ هر ڪنهن کي اها به شڪايت رهندي آهي ته ان جا وار تيزي سان ڇڻي رهيا آهن ان صورتحال کان بچڻ لاءِ مٿي ۾ نيم گرم تيل جو مساج ڪرڻ تمام گهڻو فائديمند ٿيندو آهي. اها ڄاڻ مختلف انٽرنيشنل جرنلز ۾ شايع ٿيل جاچ مان حاصل ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن اوهان ڪنهن الرجي يا بيماري ۾ مبتلا آهيو ته پهريان ڊاڪٽر سان ضرور مشورو ڪريو.