ڪراچي مان اغوا ٿيل دعا منگي هڪ هفتي کانپوءِ بازياب ٿي گهر پهچي وئي

news

ڪراچي: (ڇنڇر 07 ڊسمبر 2019ع)  ڪراچي مان اغوا ٿيل قانوندان دعا منگي بازياب ٿي گهر پهچي وئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ واٽ ويندي اغوا ٿيل ناري دعا منگي هڪ هفتي کانپوءِ بازياب ٿي گهر پهچي وئي آهي.

خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته دعا منگي خيريت سان آهي ۽ هوءَ صحيح سلامت گهر پهتي آهي. واضح رهي ته دعا منگي کي هڪ هفتو اڳ ڊفينس واري علائقي مان واٽ ويندي اغوا ڪيو ويو هو.

ذريعن موجب دعا منگي گذريل رات دير سان گهر پهتي آهي پر في الحال سندس وارثن دعا بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته دعا منگي جي بازيابي بابت حتمي تفصيل اڃان سامهون ناهن اچي سگهيا.