دبنگ ٿري تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو

news

ممبئي: (ڇنڇر 07 ڊسمبر 2019ع) بالي ووڊ جي مشهور ڪامياب فلم دبنگ جو سيڪيوئل دبنگ ٿري جلد سئنيما گهرن جي زينت بنجڻ وارو آهي پر سوشل ميڊيا صارفين(بائيڪاٽ دبنگ ٿري) جو بيش ٽيگ ڇو استعمال ڪري رهيا آهن.

بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جا سڄي دنيا ۾ کوڙ سارا مداح آهن ۽ ماڻهو ان کي تمام گهڻو پسند ڪندا آهن ۽ ان جي ايندڙ هر فلم ۽ گاني کي ڏسڻ لاءِ بيچين هوندا آهن. سلمان خان جي ڪامياب فلمن مان هڪ دبنگ آهي جنهن جو سيڪيوئل. جلد نمائش جي لاءِ پيش ڪيو ويندو پر سوشل ميڊيا تي صارفين موجب سلمان خان جي ايندڙ فلم دبنگ ٿري ۾ هندوئن جي جذبات کي مجروح ڪيو ويو آهي.

صارفين جو چوڻ آهي ته ان فلم جي هڪ گاني(بُڙبُڙدبنگ) ۾ هندو درويش سادهو جينا لباس پائي ڪجهه ماڻهو باجو وڄائيندي رقص ڪندي ڏسڻ ا۾ اچي رهيا آهن.

صارفين موجب هي گانو انهن جي لاءِ هندو ثقافت جي تذليل آهي. اهوئي سبب آهي ته مداحن طرفان ان فلم تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

ڀارت ۾ ماڻهو ان حوالي سان نفرت ظاهر  ڪرڻ جو مختلف انداز اپنائي رهيا آهن ۽ ٽوئٽر تي دبنگ ٿري تي پابندي لڳائڻ جي حوالي سان ملندڙ جلندڙ بحث به ڪيا پيا وڃن.