سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ ٽيسٽ ٽيم جو اعلان، فواد عالم جي ڏهن سالن کان پوءِ واپسي

news

لاهور: (ڇنڇر 07 ڊسمبر 2019ع) سريلنڪا جي خلاف  قومي ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 10 سالن کان پوءِ فواد عالم کي به شامل ڪيو ويو آهي.

قومي ٽيم چي جيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سريلنڪا جي خلاف سيريز جي لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. مصباح الحق جو چوڻ هو ته ٽيم جي سليڪشن اڪيلو ناهيان ڪندو پر 6 سليڪٽرز رانديگرن  جي پرفارمنس جو غور سان جائزو وٺي چونڊ ڪندا آهن. سڀني سان مشورن کا پوءِ ٽيم جي چونڊ ڪئي ويندي آهي.

سريلنڪا جي خلاف سيريز جي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪندي مصباح الحق ٻڌايو ته آسٽريليا جي خلاف سيريز کيڏندڙ ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون آهن. افتخار احمد جي جڳهه فواد عالم کي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته موسيٰ خان جي جڳهه عثمان شنواري کي ٽيم جو حصو بنايو ويو آهي. ڪيترائي سال ٽيم کان ٻاهر رهندڙ فواد عالم قائداعظم ٽرافي جي هلندڙ سيزن ۾ هينئر تائين 4 سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي ۽ ان جو  صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته اميد آهي ته هن ڀيري ٽيم ۾ چونڊجڻ جو موقعو ملندو.

مصباح الحق ٽيم جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته اظهر علي ٽيم جو ڪپتان برقرار رهندو. جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، نسيم شاهه، شاهين شاهه آفريدي، محمد عباس، عابد علي، حارث سهيل، ڪاشف ڀٽي، اسد شفيق، ياسر شاهه، شان مسعود، امام الحق ۽ عمران خان شامل آهن. قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر جو چوڻ هو ته اسان بهترين ٽيم چونڊ ڪئي آهي جيڪا سريلنڪا کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.