مسوڀرڳڙي لڳ ڪرڪيٽ مقابلو، الحيدري ڪلب ڪامياب

news

مسوڀرڳڙي: ڇنڇر 7 ڊسمبر 2019ع :مسوڀرڳڙي لڳ کرڙي جي ميدان تي هڪ دلچسپ ڪرڪيٽ مقابلو ٿي گذريو, هي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو مقابلو الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب کٽي سوڀاري ٿي, نوجوان رانديگر ماجد ڪلهوڙو مئچ جو بهترين رانديگر قرار

تفصيل موجب : مسوڀرڳڙي لڳ کرڙي جي ميدان  تي الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب بمقابله حيدرآباد ڪرڪيٽ ٽيم جو مقابلو ٿيو،  جنھن ۾ حيدرآباد ڪرڪيٽ ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 20, اورن ۾ 134,اسڪورجو هدف ڏنو.

جنهن ۾ ماجد ڪلھوڙو 3،وڪيٽون،علي غلام ،4وڪيٽون،فيصل 2،وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ الحيدري ڪرڪيٽ ٽيم،16اورن ۾  مقرر اسڪور ٺاهي ميچ کٽي ورتي، بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي  ماجد ڪلھوڙو کي مئچ جو بهترين رانديگر  قرار ڏنو ويو.