لاهور ۾ هڪ چور ٻه موٽرسائيڪلون کڻي فرار

news

لاهور: لاهور جي علائقي ٽائون شپ ۾ هڪ چور ٻه موٽرسائيڪلون چورائي فرار ٿي ويو.

واردات جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽرسائيڪون گهٽي ۾ بيٺل هيون، چور پهرين هڪ موٽرسائيڪل کڻي وڃي ٿو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ واپس اچي وري ٻي موٽرسائيڪل کڻي وڃي ٿو.

پوليس متاثر ٿيندڙ شهري حارثي جي مدعيت ۾ ٻن موٽرسائيڪلن جي چوري جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان چور جي ڳولا جاري آهي.