اڏيرولال اسٽيشن ويجهو فنڪشنل ليگ پاران مچ ڪچهري، مشاعرو ڪرايو ويو

news

اڏيرولال اسٽيشن: ڇنڇر 7 ڊسمبر 2019ع: اوڏيرولال اسٽيشن لڳ پير شاهين سرهندي جي فارم تي فنڪشنل ليگ ضلع مٽياري جي اڳواڻ شعيب بلوچ ، پاران هڪ مچ ڪچهري مشاعرو ، ۽ صوفياڻو راڳ ڪرايو ويو.

پروگران جا مهمان خاص اڳوڻو صوبائي وزير حاجي جلال شاهه جاموٽ ، فنگشنل ليگ ضلع مٽياري جو صدر نصيرميمڻ ، پروگريس الائونس جي اڳواڻن سردار اياز ميمڻ ، رشيد ڏيٿو ، پير علي شير سرهندي ، ،سميت پير آغاجان سرهندي پير شاهين سرهندي ، پير عبدالوهاب سرهندي ،پير عبدالوفي سرهندي ،۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ميلن  ملاکڙن کان ويندي اوطاق ڪچهريون سنڌ ڌرتي جون پراڻيون روايتون آهن.

مچ ڪچهريون  هڪ ٻئي سان ڏک سک سلهڻ جا مرڪز ٻڻيل آهن وڏڙن جون ڇڏيل انهن  روايتن ۾ اسان جي سماج لاءَ  هڪ محبتن جو رشتو  سمايل آهي ، خاص ڪري سنڌي ميڊيا اسان جي هزارين سال پراڻي ثقافت کي اجاگر ڪري اسان جي نوجوان نسل کي  ان طرف گامزن ڪيو آهي جيڪا جس لهي.

جڏهن ته مچ ڪچهري ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ اوڏيرولال اسٽيشن ، جي شاعرن اديبن جنهن ۾ امين اڏيرائي ، احساس ميرل سهتو ، فقيربلاول خشڪ ، آجز ڇٽو ، عبدالشڪور ڇٽو حيدرامان ڇٽو . جڏهن ته صوفي راڳين ۾ نالي واري راڳي ٻالڪ سنڌي ،،وزير علي ميرالي ،  سنڌ جا قومي گيت ٻڌائي ماڻهن کي جومائي ڇڏيو.

جڏهن ته معزز شهرين ۾  اصغر شاهه ، شاهنواز شاهه فاضلاڻي ، محمد سهتو ، رحيم بلوچ ، دادر حيم بلوچ ڊاڪٽر عمر ڏاهري ، عبدالواحد کوسو منظور ساند ، گل بهار هنڱورو سيد گلزار شاهه ، سلمان ڏاهري ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.