نوابشاهه : جوڻيجا برادري جي ماڻهن جو وڏيري خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: ڇنڇر 7 ڊسمبر 2019ع: تعلقي قاضي احمد جي ڳوٺ مِٺو خان مري جي رهواسي هاري محمد صديق جوڻيجو پنهنجي تازو ڌاڙيلن کان مبينه بازياب ڪرائڻ 8 ورهين  جي پُٽ محبوب ۽ ٻين عزيزن سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي وڏيري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وڏيري 28 جولاءِ 2019 تي ڌاڙيلن هٿان سندن مبينه اغوا ڪيل ٽن نوجوانن 18 ورهين جي پُٽ محبوب، 30 ورهين جي سئوٽ ضمير ۽ 27 ورهين جي ڀاڻج ارشد جي بازيابي لاءِ کائنس 20 لک روپيا ورتا.

انهي جي باوجود وڏيري اسان جا نوجوان ڌاڙيلن کان آزاد نه ڪرايا جنهن بعد اسان پاڻ قرآن پاڪ کڻي ڌاڙيلن وٽ وياسين ۽ انهن کي 10 لک رويپا ڏئي نوجوان آزاد ڪراياسين هن چيو ته نوجوانن جي بازيابي بعد جڏهن اسان وڏيري بيدل انڙ کان ڏنل 20 لک روپيا طلب ڪيا ته انهي اسان جا حقي پيسا واپس ڪرڻ بدران اسان کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ۽ منهنجا چار ڀائر رانجهو، پيراڻو، بهادر ۽ ضمير جيڪي وڏيري جا هاري آهن.

انهن کي هارپي کان بيدخل ڪري اسان خلاف ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي ۽ هاڻ وڏيري سندس زمين سان گڏو گڏ منهنجي چار ايڪڙ زمين تي زبردستي قبضو ڪيو آهي جتي منهنجا 20 لک روپين جا بصر پوکيل آهن جيڪي پڻ پٽڻ نٿا ڏنا وڃن هن چيو ته اسان علائقي جي چڱن معززين وٽ فيصلو ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.

متاثر محمد صديق جوڻيجي ميڊيا آڏو بيوسي جا لُڙڪ لاڙيندي چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان وڏيري ۽ سندن خاندان جا هاري رهيا آهيون هاري ته وڏيرن لاءِ اولاد وانگر هوندا آهن پر حالت اها آهي جو هن وقت اسان جي زندگين کي شديد خطرو آهي.

هن سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز، آئي جي ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کان مطالبو ڪيو ته کين سندن حقي 20 لک روپيا ڄام فيروز کان واپس ڏياري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي طرف الزام هيٺ آيل وڏيري فون تي ميڊيا کي ٻڌايو ته محمد صديق جوڻيجو منهنجي پُٽ جو ڪمدار آهي ۽ منهنجي پُٽ جا ان ڏي ڪمند جا ڏوڪڙ ۽ ٻيا پيسا رهيل آهن انهي لاءِ هي مون  وٽ ميڙ وٺي آيو آهي مونکي ڪجهه ڏوڪڙ بخش ڪيو.

ٻي نه اغوا جي ڳالهه نه آهي منهنجي پُٽ جي ڏوڪڙن جو مسئلو آهي ٻي ڪا به ڳالهه نه آهي هي غلط بياني ڪري رهيو آهي کي پنهنجو پُٽ محبوب جنهن واپس ڪرايو آهي اهو پنهنجي ضلعي جو ماڻهو ئي نه آهي صرف هي اسان جي زمينن جي فصل جا پيسا ڦٻائڻ چاهي ٿو ٻيو ڪجهه به نه آهي.