چوهڙ جمالي ويجهو موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ نينگري فوت، هڪ ڄڻو زخمي

news

چوهڙجمالي: ڇنڇر 7 ڊسمبر 2019ع: چوھڙجمالي ڀرسان روڊ حادثو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ 8  سالن جي ٻارڙي فوت ، موٽر سائيڪل سوار زخمي ، نينگري جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

خبر موجب، چوھڙجمالي شاھ بندر روڊ تي  خاصخيلي اسٽاپ وٽ ماء سان گڏ زمين تان گاھ ڪري روڊ ڪراس ڪرڻ دوران 8 سالن جي نينگري صاحبا ڌي ابراھيم جھولائي ۽ موٽر سائيڪل سوار الطاف نالي شخص پڻ شديد زخمي ٿي پيو.

جڏهن ته زخمي نينگري کي اسپتال نيو ويو پر زخمن جا تاب نه سهندي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته زخمي  شخص کي فرسٽ ايڊ ڏئي مڪلي اسپتال ريفر ڪيو ويو ۽ نينگري جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو .