سڪرنڊ ۾ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان نياڻين جي اغوا ۽ جنسي ڏاڍائي ۽ قتل وارن واقعن خلاف احتجاج

news

سڪرنڊ: ڇنڇر 7 ڊسمبر 2019ع: سنڌ ۾ نياڻين جي اغوا ۽ جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد نياڻين جي قتل جي وڌندڙ واقعن خلاف سڪرنڊ جو شعور هر ظلم ڏاڍ خلاف   مظلومن سان ٻِٽ بيٺل سڪرنڊ ۾ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان معصوم نياڻي دعا ملاح سان ڏاڍائي ڪري قتل خلاف ۽ سنڌ م عورتن تي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سارنگ ملاح سنڌ جاگرتا فورم جي حسين ڪيريو جسقم اڳواڻ مورڙو ميربحر  غوث علي ڪيريو سائين  محمد عالم ڪيريو ايس يو پي جي جمشيد لاکو قلندر بخش ملاح عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ خالد سولنگي  غلام الدين ملاح ,سوشل ورڪر سائين سانول ڪيريو ,نياز لاشاري ، رفيق چانڊيو ،جاويد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

جنھن کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بيدردي سان قتل ٿيل نياڻي جي قاتلن پاران قتل جو اعتراف  ڪيو آھي ان ڪري جوابدارن کي جيل موڪلڻ بدران کي ڦاسي ڏني وڃي ته جينئن ٻيھر ڪوب وحشي معصوم نياڻين بيدردي سان قتل نه ڪري سگھي ھنن حڪومت کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته نياڻين جي تحفظ لا۽ فورن ھدايتون ڏي ته جينئن سنڌ جون نياڻيون سٺي تعليم پرائي سگھن.