نئين دهلي: فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب ٽيتالهه ڄڻا سڙي فوت

news

نئين دهلي: (آچر 08 ڊسمبر 2019ع) ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ هڪ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 43 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب بيگ ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ باهه جو واقعو نئين دهلي جي علائقي اناج منڊي ۾ ۾ پيش آيو. اختيارين موجب باهه لڳڻ جو سبب اڃان تائين معلوم  نه ٿي سگهيو آهي.

جڏهن ته ان ڳالهه جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته باهه فيڪٽري جي ورڪشاپ ۾ لڳي.

ميديا رپورٽن موجب حادثو صبح 5 وڳي ان وقت پيش آيو جڏهن فيڪٽري اندر ڪيترائي ملازم ستل هئا. واقعي ۾ 43 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو اختيارين موجب 50 ڄڻن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته فائر برگيڊ جون 15 گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن.