اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لاءِ جوڙيل نئين ميڊيڪل بورڊ ڪم شروع ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: (آچر 08 ڊسمبر 2019ع) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي لاءِ جوڙيل نئين ميڊيڪل بورڊ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پمز ترجمان موجب نئين ميڊيڪل بورڊ آصف علي زرداري جو معائنو ڪيو ۽ دماع جو ايم آر آءِ به ڪيو. رپورٽ موجب پمز جي ترجمان موجب پروفيسر ڊاڪٽر مظهر بادشاهه جي سربراهي ۾ بورڊ اڳوڻي صدر جي دماغ جو ايم آر آءِ ڪيو.

ذريعن موجب پمز جي ميڊيڪل بورڊ کي اڳوڻي صدر جي ذاتي ڊاڪٽر جو دل جي دوري بابت ڪوبه خط ناهي مليو. پمز جي ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي صدر جي ذاتي ڊاڪٽر کي علاج ۾ شامل ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو. اڳوڻي صدر جي علاج لاءِ ٺاهيل ميڊيڪل بورڊ ۾ وڌيڪ ڊاڪٽرن جو اضافو به جاري آهي.

آصف علي زرداري جي علاج ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ذاتي  ڊاڪٽر عاصم حسين جو نالو ڏنو ويو هو. اڳوڻي صدر جي لاءِ ٺاهيل ميڊيڪل بورڊ ڊاڪٽر شجيع صديقي جي سربراهي ۾ علاج جاري رکيو آهي. اڳوڻي صدر جو ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم به ان جي صحت جا معاملا ڏسندو.

ميڊيڪل بورڊ عدالتي حڪمن جي روشني ۾ آصف زرداري جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم کان مشورو وٺندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان به ميڊيڪل بورڊ ۾ ذاتي ڊاڪٽر کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پئي ويو.

ياد رهي ته اڳوڻو صدر گذريل ڏيڍ مهيني کان پمز جي ڪارڊيڪ وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي اڳوڻو صدر شگر، بلڊ پريشر، گوڏن، گردن ۽ دل جي مرضن ۾ پهريان ئي مبتلا آهي.