(ن) ليگ اليڪشن ڪميشن کي جوڙڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

لاهور: (آچر 08 ڊسمبر 2019ع) مسلم ليگ(ن) اليڪشن ڪميشن کي جلد کان جلد جوڙڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف ۽ صدر شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ لنڊن ويندڙ سينئر پارٽي اڳواڻن جو آئنده جو لائحه عمل ڏنو ويو آهي جنهن تحت پارٽي اليڪشن ڪميشن جي جلد کان جلد جوڙڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ان حوالي سان مسلم ليگ(ن) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي هر محاذ تي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.

حڪومت جي خلاف عوامي مسئلن کي ڀرپور طريقي سان اٿاريو ويندو. اليڪشن ڪميشن کي جوڙڻ ۾ دير حڪومت جي ايجنڊا تحت ڪئي وئي آهي.

مسلم ليگ(ن) اليڪشن ڪميشن جي جوڙڻ جي معاملي تي اپوزيشن جي مشورن سان قدم کڻندي.