بکايل برفاني رڇن جو روس جي ڳوٺ تي حملو، رهواسي گهرن تائين محدود

news

ماسڪو: (آچر 08 ڊسمبر 2019ع) روس جي ڏوراهين علائقي ۾ هڪ ننڍي آبادي هن وقت سخت پريشان آهي ڇو ته اتي ڪيترائي بکايل رڇ ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ گهمي رهيا آهن جنهن سبب خاص ڪري ٻارن کي احتياط ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

هي ننڍي آبادي برفاقي علائقي چڪٽوڪا ۾ واقع آهي ۽ ڳوٺ جو نالو رائرڪيپي آهي جتي جون سموروين تقربيون ملتوي ڪري اسڪول بند ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف رٻڙ  جي گولين واري بندوقن سان گڏ پوليس اهلڪار برفاقي گاڏين تي گشت ڪري رهيا آهن ته جيئن رڇن کي گهرن جي ويجهو اچڻ کان روڪي سگهجي.

علائقي جي رهواسين موجب ان کان اڳ به ڪافي رڇ ڏٺا ويا آهن پر هن سال ان جو انگ تمام وڌيڪ آهي. بکايل رڇ خوراڪ جي ڳولا ۾ اتي پهتل آهن. اهڙي طرح پورو علائقو محدود رهجي ويو آهي. هي علائقو مڪمل طور تي برف سان ڍڪيل آهي ۽ هتي صرف 766 ماڻهو ئي رهندا آهن.

ماهرن موجب آٻهوا ۾ تبديلي سان آرڪٽنگ برف ايتري ڪمزور ٿي چڪي آهي جو رڇ هاڻ اتي نه پيا وڃن ۽ گرمي وڌڻ سان برف گهٽ ٿي رهي آهي ۽ رڇن جي خوراڪ به گهٽ ٿي رهي آهي. ڊبليو ڊبليو ايف روس جي سربراهه ٽائيانا ماننڪو جو چوڻ آهي ته سمورا برفاقي رڇ ايترا بکايل ٿي چڪا آهن جو ان جو جسم به هاڻي ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف ڳوٺ وارن والرس جون لاشون جمع ڪري ڇڏيون آهن جيڪي حملي جي صورت ۾ بکايل رڇن کي کارايون وينديون.