مريضن کي يادگيري ڏياريندڙ ۽ ڊاڪترن کي آگاهه ڪندڙ ننڍي بوتل تيار

news

لنڊن: (آچر 08 ڊسمبر 2019ع) لنڊن جي ڊاڪۡٽرن دوا رکڻ واري هڪ ننڍي بوتل تيار ڪئي آهي جيڪا موبائل ايپ جي ذريعي اسمارٽ فون يا واچ سان جڙي ويندي آهي ۽ دوا وٺڻ جي عمل کي به يقيني بنائيندي آهي. ان کي(پل ڪينڪٽ) جو نالو ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ ان کي مريضن تي آزمايو ويو آهي ته ان جا 100 سيڪڙو نتيجا نڪتا آهن.

سڄي دنيا ۾ مريضن جو 40 کان 50 سيڪڙو انگ پنهنجي دوا کائڻ وساري ويهندو آهي گهڻو ڪري تمام گهڻي مصروفيتن جي ڪري دوا پري رهندي آهي پر بلڊ پريشر، شگر ۽ اهڙن ڪيترن ئي مرضن ۾ دوا استعمال نه ڪرڻ سبب ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

  اسمارٽ بوتل ۽ ايپ، يوڪلڊ نالي ڪمپني  تيار ڪئي آهي. بوتل اندر کان بند رهندي آهي ۽ صرف دوا جي وقت ئي کلندي آهي جنهن جو وقت اوهان پاڻ ئي سيٽ ڪري سگهو ٿا. بوتل ۾ سخت دوا به رکي سگهجي ٿي جن ۾ گوريون ۽ ڪيپسول شامل آهن. دوا وٺڻ جو پورو عمل رڪارڊ هوندو آهي ۽ ان کي کائڻ جي تفصيل اوهان جي ڊاڪٽرن تائين پهچي ويندي آهي.

پهرين مرحلي ۾ مانچسٽر جي 10 مريضن تي ان کي آزمايو ويو ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ 80 مريضن تي استعمال ڪيو ويو ته ان جا 100 سيڪڙو نتيجا سامهون آيا ۽ ڊاڪٽرن ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ايندڙ سال وڌيڪ 200 مريضن کي هي بوتل ڏني ويندي جيڪي تمام خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن. في الحال  هي اهم ايجاد بازار ۾ موجود ناهي پر آزمائش واري مرحلن ۾ آهي پر ڪمپني موجب هڪ ڊٻي جي قيمت 25 برطانوي پونڊ يا پاڪستاني پنج هزار روپين تائين ٿي سگهي ٿي.