پاڪستان ۾ هلندڙ سال ساڍا نو هزار ماڻهو ايڊز سبب متاثر ٿيا: رپورٽ

news

اسلام آباد: (آچر 08 ڊسمبر 2019ع) ملڪ ۾ هلندڙ سال هينئر تائين 9 هزار 565 ماڻهن ۾ ايڊز جي تصديق ٿي چڪي آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ايڊز تيزي سان ڦهجي رهيو آهي ۽ هلندڙ سال هينئر تائين سڄي ملڪ ۾ 9 هزار 565 ماڻهن ۾ ايڊز جي تصديق ٿي چڪي آهي. سال 2019 جي دوران صرف لاڙڪاڻي جي شهر رتوديرو جا 895 ماڻهو ايڊز جي جراثيم جي تصديق ٿي چڪي آهي. جن ۾ 754 ٻار ۽ 141 بالغ ماڻهو شامل آهن.

نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي رپورٽ موجب متاثره مريضن جو انگ 1 لک 65 هزار کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ ايڊز جي متاثر رجسٽرڊ مريضن جو گڏيل انگ 36 هزار 9 کان ٽپي ويو آهي. رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهن ۾ 18 هزار 220 مرد، 4 هزار 170 عورتون، 564 ٻار ۽ 426 ٻارڙيون آهن.

رجسٽرڊ مريضن مان 20 هزار 994 ماڻهو پنهنجو  علاج ڪرائي رهيا آهن. ايڊز مان متاثر 6426 ٻارڙيون آهن. رجسٽرڊ مريضن مان 20 هزار 994  ماڻهو پنهنجو علاج ڪرائي رهيا آهن. ايڊز مان متاثر 6426 ماڻهو انجيڪشن جي ذريعي نشو ڪرڻ سبب ان مرض ۾ مبتلا ٿيا آهن.