حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، ٻئي صورت ۾ استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل

news

اسلام آباد: (آچر 08 ڊسمبر 2019ع)  حڪومتي اتحادي جماعت بلوچستان عوامي پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جو ٽائيم گذري چڪو آهي،

نجي ٽي وي چينل جي مختلف پروگرامن ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت وارا مون سان ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا ته رزلٽ سان گڏ اچن، ڇو ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جو ٽائيم گذري چڪو آهي. هن چيو ته ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ترميم ٿي سگهي ٿي ته اسان جي نقطن تي ڇو نٿي ٿي سگهي، حڪومت ترميم لاءِ اڃا تائين ڪو به رابطو نه ڪيو آهي. اختر مينگل چيو ته حڪومت ترميم تي حمايت لاءِ پهريان اسان کي قائل ڪري، پارٽي فيصلو ڪري ته سيٽن استعيفيٰ به ڏئي سگهون ٿا.

بي اين پي سربراهه چيو ته جلد سينٽرل پارٽي ميٽنگ ۾ حتمي فيصلو ڪنداسين، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پارٽي جون 4 عورتون گرفتار ڪرڻ جي معاملي تي بي اين پي حڪومت کان عليحدگي جي ڌمڪي ڏني هئي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته اسان بلوچستان جي مسئلن جي ڪري مرڪز جو ساٿ ڏنو هو، بلوچستان حڪومت اسان کي تنگ ڪندي آهي، اسان کيس تنگ ناهيون ڪندا، بلوچستان ۾ پي ٽي آءِ جا پنهنجا ميمبر ۽ اتحادي ناراض آهن، هڪ وزير استعيفا ڏني آهي، اهڙو عمل اسان کي وزيراعليٰ خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته اسان کي ان لاءِ ناهي چونڊيو ويو ته اسان جي مائرن ۽ ڀينرن جي عزت محفوظ نه هجي. 

هڪ سوال تي هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت جو حصو ناهيون، رڳو ووٽ ڏنو هو، سدائين اپوزيشن جو ساٿ ڏنو آهي، اپوزيشن پاران جيڪڏهن بلوچستان جا مسئلا پنهنجي ايجنڊا ۾ سرفهرست شامل ڪيا ويا ته ساٿ ڏينداسين.نئين چونڊن بابت سوال تي اختر مينگل چيو ته نئين چونڊن جي جيڪي ڳالهه ڪري رهيا آهن اهي پاڻ اسيمبلين ۾ ويٺا آهن، ان هائوس تبديلي بابت هن چيو ته چهرن جي تبديلي مسئلا حل ناهن ٿيندا، پوري نظام کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت جي وس ۾ ڪجهه معاملا ناهن پر جيڪي معاملا اهي حل ڪري سگهن ٿا ته ڪن، هاڻي انتظار جون گهڙيون ختم ٿي ويون آهن، ايندڙ هفتي اجلاس گهرايو آهي، اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اڳتي حڪومت کي اسان جي ووٽ جي ضرورت پئي ته اسان حمايت نه ڪنداسين.

اختر مينگل چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن مقررين لاءِ اسان کان راءِ نه ورتي وئي، پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، حڪومت يا اپوزيشن پاران ڏنل نالن مان اسان اتفاق نٿا ڪريون، سياسي پارٽين جي سفارشن تي ايندڙ اهي غيرجانبدار نه رهندا، چون ٿا ته 2018ع واري چونڊون تڪراري هيون ته پوءِ بابر يعقوب کي نامزد ڪيئن ڪيو ٿو وڃي؟ اهو سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن رهيو آهي. هن چيو ته هي احتساب نه پر انتقام آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن ڊڪٽيٽر کي اوهان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيو ٿا ته اڳوڻي صدر زرداري کي ڇو نٿي اجازت ڏئي سگهجي؟، آئين ٽوڙڻ کان وڌيڪ ڪرپشن آهي؟، هن چيو ته اسان جي بزرگن جي تابوتن کي تالا هنيا ويا هئا، اسان مشرف جي ڪيس کي تالو لڳائڻ برداشت نه ڪنداسين.

هڪ ٻئي سوال تي اختر مينگل چيو ته عوام جي وس ۾ هجي ها ته هي نظام نه هلي ها، جيڪي هلائين ٿا اهي ناراض ٿيا ته هي حڪومت هڪ ڏينهن نه هلندي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آوران مان بي اين پي جي 4 عورت اڳواڻن جي گرفتاري جي معاملي تي سردار اختر مينگل حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي به ڏئي چڪو آهي.