فلم انڊسٽري جي لاءِ ايندڙ سال بهتر ثابت ٿيندو: ريشم

news

لاهور: (آچر 08 ڊسمبر 2019ع) پاڪستان جي مشهور اداڪاره ريشم چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ معياري فلمون ٺاهي شوقينن جا دل کٽڻا پوندا.

اسان کي روايت کان هٽي ڪري نئين ۽ منفرد موضوعن تي فلمون ٺاهڻيون پونديون. اسان کي مختلف موضوعن تي هاڻ فلمون ٺاهڻيون پونديون. پراڻين روايتن کي ختم ڪرڻو پوندو.

اسان کي ڪامياب ملڪن کي ڏسي ڪري پنهنجي وسيلن ۾ رهندي اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي. هڪ انٽرويو ۾ ريشم چيو ته مان شوبز کان پري ناهيان ٿي پر شوبز ۾ منهنجون سرگرميون جاري رهنديون آهن ۽ ان حوالي سان مان پنهنجي چاهيندڙن کي به آگاهه ڪندي رهندي آهيان.

هن چيو ته خوشي آهي ته فلم انڊسٽري ۾ نئين سرمائيڪاري جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ مون کي اميد آهي ته فلم انڊسٽري جي لاءِ سال 2020 بهترين سال ثابت ٿيندو. هن چيو ته سال 2020 ۾ فلم انڊسٽري ڪاميابي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي.