حڪمرانن جي ٻيڙي ٻڏڻ جي ويجهو پهچي چڪي آهي: مولانا فضل الرحمان

news

پشاور: جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ-ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئين جي حڪمراني جي لاءِ جيڪو قدم کنيو، اهو منزل تي پهچي رهيو آهي ۽ حڪمرانن جي ٻيڙي ٻڏڻ جي ويجهو پهچي چڪي آهي.

پشاور ۾ متحده اپوزيشن جي جلسي کي خطاب ۾ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته مهانگائي ماڻهن جي زندگي اجيرن ڪري ڇڏي آهي. سڄو ملڪ ۽ عوام پريشاني جو شڪار آهي ۽ خاص طور نوجوان مستقبل جي باري ۾ پريشان آهن. هڪ ڪروڙ نوڪرين جي خوشخبري ڏني وئي پر 25 لک نوجوانن کي بيروزگار ڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته آئين جي حڪمراني جي لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي منزل جي طرف پهچي رهيا آهن، حڪمرانن جي ٻيڙي ٻڏڻ جي ويجهو پهچي چڪي آهي، گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، تحريڪ کي اڃا اڳيان وڌائينداسين، اهڙي ناجائز حڪمراني کي نه تسليم ڪريون ٿا ۽ نه ان کي هلڻ ڏينداسين.

مولانا فضل الرحمان پشاور ميٽرو تي تنقيد ڪندي چيو ته بي آر ٽي جي هڪ ڪلوميٽر جو ڪاٿو اڍائي ارب رپيا آهي، پشاور جو بي آر ٽي گواهه آهي ته سڄي ملڪ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، پشاور کنڊر بڻجي چڪو آهي ۽ اهي چون ٿا ته پشاور مان کٽيوسين، ان کي ڌانڌلي چوندا آهن، پشاور کنڊر بڻجي ويو ته شهري پي ٽي آءِ کي ڇو ووٽ ڏين ها؟

ان جو چوڻ هتو ان ناجائز حڪومت مان جان ڇڏائينداسين، اسان انهن حڪمرانن جي گردن مان تڪبر جو سريو ڪڍي ڇڏيو آهي، حڪومت گذريل سڀني حڪومتن کان وڌيڪ قرضو هڪ سال جي دوران ورتو آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان قرضا ورتا پيا وڃن.

جي يو آءِ سربراهه جو بلين ٽري منصوبي تي تنقيد ڪندي هن چيو ته چوڻ ته توهان چيو هو ته هڪ ارب وڻ لڳايا آهن، ڏيکاريو هڪ ارب وڻ ڪٿي آهن؟ توهان 80 ڪروڙ وڻن جا پئسا ڪٿي خرچ ڪيا، ان جو حساب ورتو ويندو، اهڙي طرح جي ڪرپٽ حڪومت شايد زندگي ۾ نه آئي هجي.

مولانا فضل الرحمان جو قرضن تي ٺاهيل ڪميشن بابت چوڻ هو ته توهان پوئين حڪومتن جي قرضن تي ڪميشن ٺاهيو ان جو ڇا ٿيو؟ ڪميشن ٻڌايو ته ماضي جي حڪومتن جا پئسا صحيح جڳهه تي لڳا.