ٽنڊو محمد خان ۾ ڪار پيادل پيرسن عورت کي چيڀاٽجي ڇڏيو، ڊرائيور گرفتار

news

ٽنڊو محمد خان : آچر 8 ڊسمبر 2019ع: ٽنڊو محمد خان ۾ تيز رفتار ڪار راهگير پيرسن عورت کي ٽڪر هڻي چيپاٽي ڇڏيو ڪار سميت ڊرائيور گرفتار

خبر موجب ٽنڊومحمدخان جي حيدرآباد بدين روڊ تي ٽنڊي سائينداد جي رهواسڻ 65 سالا جي پيرسن عورت مسمات عائشه ملاح روڊ ڪراس ڪري رهي هئي تي روڊ تائين گذرندڙ تيز رفتار ڪار کيس زوردار ٽڪر هڻي چيپاٽي ڇڏيو.

فوتي عورت جو لاش سول اسپتال پهچايو ويو جتي ضروري ڪاغذي ڪاروائي ڪرڻ کان پوءٌ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن سٽي ٿاڻي جي پوليس ڪار ڊرائيور ديپڪ آڪاش کي ڪار سميت حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ٿاڻي تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.