مبارڪپور ڀرسان موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان سخت زخمي، اسپتال منتقل

news

مبارڪپو: آچر 8 ڊسمبر 2019ع: مبارڪپور لڳ آباد لنڪ روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جو ٽائر سلپ ٿيڻ سبب موٽر سائيڪل روڊ تي ڪري پئي جنهنجي نتيجي ۾ ڳوٺ قائم الدين مهر جو رهواسي نوجوان نادر علي ولد اڪرم مهر زخمي ٿي پيو.

جنهن کي مقامي اسپتال آندو ويو جتي زخمي کي فسٽيڊ ڏني وئي جنهن بعد نوجوان جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي.