چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جو فيصلو اربع تائين ٿي ويندو: پرويز خٽڪ

news

نوشهره: بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ڪو به قومي اسيمبلي جو ميمبر ناراض ناهي، جڏهن ته شڪوه شڪايتون هلنديون رهنديون آهن.

نوشهره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر بابت اپوزيشن ۽ اتحادي جماعتن سان رابطا ٿي چڪا آهن، اربع تائين ان مقررين جو فيصلو ٿي ويندو.

هن چيو ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدت متعلق اپوزيشن کان اڃا تائين ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچڻ کانپوءِ قانوني ٽيم سان گڏ ملي حڪومت فيصلو ڪندي.

پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان سان ڪو به قومي اسيمبلي جو ميمبر ناراض ناهي، جڏهن ته شڪوه شڪايتن جو اهو مطلب ناهي ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويندو.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت پنج سال پورا ڪندي، سڀئي قومي اسيمبلي جا ميمبر حڪومت سان گڏ هڪ پيج تي آهن.