ڄڃ آڻڻ ۾ دير ڇو ڪيئي...؟ گهوٽ کي ڪُٽڪي کان پوءِ ڪنوار پاڙيسري سان شادي ڪري ڇڏي

news

نئين دهلي: (سومر 09 ڊسمبر 2019ع) ڀارت ۾ گهوٽ کي دير سان ڄڃ آڻڻ مهانگي پئجي وئي. ڪنوار مقرر وقت کان پوءِ ڪيترائي ڪلاڪ دير سان پهچڻ تي گهرن وارن سان ملي نه صرف گهوٽ کي ڪُٽڪو ڏنو پر ان کان پوءِ هُن پنهنجي پاڙيسري سان شادي ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڳوٺ بجنور ننگلجات ۾ شادي جي ڏينهن ڄاڃين جي دير سان اچڻ تي ڪنوار ۽ ان جي گهر وارن ڄاڃين کي تشدد جو نشانو بنايو جنهن کان پوءِ ڪنوار پنهنجي پاڙيسري سان شادي ڪري ڇڏي. صرف ايترو ئي نه پر ڪنوار جي گهر وارن گهوٽ جي خاندان  وارن کي ڪُٽڪو ڏيڻ کان پوءِ ان جو قيمتي سامان ڦري کين جيل به موڪلي ڇڏيو.

پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته هن جوڙي رسم ورواج سان گڏ هڪ روايتي شادي جي تقريب ڪرڻ چاهي ٿي ڇهه هفتا اڳ جوڙي هڪ اجتماعي شادي جي تقريب جي موقعي تي شادي ڪئي هئي ۽ ان وقت ڪنوار پنهنجي ساهورن ۾ نه وئي هئي ڇو ته هُن هڪ روايتي شادي ڪرڻ چاهي ٿي.

جنهن کان پوءِ پوليس  اهو به ٻڌايو ته ٻنهي خاندانن ۾  ڏاج جي معاملي تي به اختلاف هئا. ڪنوار جي خاندان دعويٰ ڪئي آهي ته گهوٽ ۽ ان جي پيءُ ان کان موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم جو مطالبو ڪيو هو ۽ جڏهن ان جو مطالبو پورو نه ڪيو ويو ته ان جا گهر وارا ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا. ڀارتي ميڊيا موجب ڄاجين کي ڏينهن جو 2 وڳي اچڻو هو پر هو رات جو ڄڃ وٺي آيا هئا. دير سان اچڻ سبب ڪنوار ڪاوڙجي پئي هئي ۽ ڪنوار جي گهر وارن ڄاڃين کي تشدد جو نشانو بنايو. ان سموري صورتحال کان پوءِ پوليس مذڪوره معاملي کي حل ڪيو جنهن کان پوءِ ڪنوار پاڙيسري سان شادي ڪري ورتي.