ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي تي پي سي بي پاران تياريون عروج تي پهتل

news

لاهور: (سومر 09 ڊسمبر 2019ع) 10 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي تي پاڪستان جي ٽيم کي پرجوش بنائي ڇڏيو آهي. شاهينن جي راولپنڊي ۾ آمد شروع ٿي وئي آهي. باقاعده ٽريننگ جي شروعات به اڄ ٿيندي.

رپورٽ موجب 10 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٻيهر بحال ٿي رهي آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون تياريون عروج تي پهتل آهن. 3 مارڇ 2003 تي لاهور ٽيسٽ جي دوران ڪجهه  دهشتگردن سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي بس تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ ڪپتان مهيلا جي وردني سميت ٻيا رانديگر به زخمي ٿيا هئا. ان صورتحال کان پوءِ ڪنهن به پرڏيهي  ٽيم پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

سريلنڪا جي ٽيم 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي پر سريلنڪن ٽيم جي لاءِ ڏک جهڙي خبر اها آهي ته فاسٽ بالر سورنگا لڪمل ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿيڻ سبب پاڪستان ناهي اچي رهيو. سورنگا لڪمل جي جڳهه سيتها فرنانڊو کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پاڪستان جي ٽيم راولپنڊي پهچي وئي آهي ۽ سومر  تي ٻنپهرن جو راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ جي باقاعده شروعات ڪندي. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 11 کان 15 ڊسمبر تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي طرف پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ شروعاتي ٽيسٽ جي ٽڪيٽن جي آن لائن وڪرو جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي.

سيريز جي لاءِ ٽڪيٽن جو ملهه پنجاهه روپيه مقرر ڪيو ويو آهي. پهرين ٽيسٽ ميچ جي لاءِ راولپنڊي ۾ ٽي سي ايس جي مرڪزن تان به ٽڪيٽون 7 ڊسمبر کان ملڻ شروع ٿي ويون آهن. روزاني جي بنياد تي  وڏي انگ ۾ ڪاليجن ۽ اسڪولن کي به  ٽڪيٽس ڏيڻ جو پلان آهي. ياد رهي ته هن دفعي ڪرڪيٽ جي شوقينن  لاءِ هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 10  ٽڪيٽون خريد ڪرڻ جي سهوليت به ڏني وئي آهي.