پنجونجاهه سيڪڙو پاڪستاني پي ٽي آءِ جي وزيرن کي نااهل سمجهندا آهن: گيلپ سروي

news

اسلام آباد: (سومر 09 ڊسمبر 2019ع) گيلپ سروي موجب 55 سيڪڙو پاڪستاني تحريڪ انصاف جي وزيرن کي نااهل سمجهندا آهن.

تفصيل موجب گيلپ پاڪستان هڪ سروي ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستانين  کان سوال ڪيو ويو آهي ته ڇا پاڪستان تحريڪ انصاف جا وزير نااهل آهن.؟ سروي رپورٽ موجب 55 سيڪڙو پاڪستانين وزيرن کي نااهل قرار ڏنو آهي جڏهن ته 41 سيڪڙو چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا وزير نااهل ناهن.

گيلاني اينڊ گيلپ ريسرچ فائونڊيشن جي سروي رپورٽ موجب صرف 4 سيڪڙو ماڻهن چيو ته هو ان باري ۾ ڪجهه نٿا ڄاڻن يا جواب نٿا ڏيڻ چاهين. ان کان اڳ به گيلپ هڪ سروي ڪيو هو جنهن ۾ ٻڌايو ويو  آهي ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي تي 53 سيڪڙو شهري ناراض ۽ 45 سيڪڙو خوش آهن.

موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي کي 92 سيڪڙو ووٽرن بهترين قرار ڏنو. سروي موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي نوجوان ووٽرن حڪومت جي ڪارڪردگي تي جتي مطمئن نظر اچي رهيا آهن اتي ئي هو مهانگائي ۾ اضافي سبب پريشان نظر اچي رهيا آهن.

پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي تبديلي جي معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جا سپورٽر ورهايل نظر آيا. 60 سيڪڙو ماڻهن اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي هاڻوڪي وڏي وزير عثمان بوزدار کان بهتر قرار ڏنو.